صحبت پور – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ ۾ مهذب معاشرا ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر ??عم??ر جي ??اءِ ڀرپور مدد جي ??اءِ اڳتي ايندا، بلوچستان ۾ جديد سهولتن سان ليس 12 دانش اسڪول قائم ڪنداسين، ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي ??عاوضي جي ادائيگي جي ??اءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين. صحبت پور ۾ ٻوڏ متاثرين ۽ مقامي نمائندن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ اسان جي ??اءِ خوشي جو ڏينهن ??هي، ماضي ۾ جڏهن هتي جو دورو ڪيو ته هي علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هو ۽ هتي امدادي سامان پهچائڻ ڪو آسان ڪم نه هو. صوبائي حڪومتي مشينري ڏينهن ??ات ڪم ڪري رهي هئي جڏهن ??ه چئلينج ايترو وڏو هو جو اهڙي قسم جي ??وڏ پنهنجي ??وري زندگي ۾ نه ڏٺي. سنڌ جو گهڻو علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هو. ان صورتحال کي ڏسي خوف ايندو هو ته ڪهڙي طرح اهي ماڻهو پنهنجي علائقي ۾ بحال ٿيندا. ان سان گڏوگڏ پاڪستان حڪو??ت جا وسيلا محدود هئا. جن حالتن ۾ اسان حڪومت سنڀالي هئي اهي انتهائي خراب هيون. آءِ ايم ايف سان اسان جو معاهدو ختم ٿي چڪو هو. دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو هيون. گذريل حڪومت جي ??ااهلي جي ڪري اسان سستي ترين گئس نه خريد ڪري سگهياسين. ڪڻڪ جي ??يداوار اسان جي طلب کان گهٽ هئي. هن وقت اربين ڊالر جي ڪڻڪ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون ته جيئن پاڪستان جي عوام کي ڪڻڪ ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته تيل تي پاڪستان جا 27 ارب ڊالر خرچ ٿيا جيڪو تاريخ ۾ تيل تي ٿيندڙ سڀ کان وڏو خرچ هو. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مهانگائي عروج تي آهي، انهن ??مورن مسئلن سان گڏوگڏ ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ ٻيو وڏو چئلينج سامهون آيون پر الله جو شڪر آهي ته مخلوط حڪومت ٻوڏ سٽيلن جي ??نهنجي بساط موجب خدمت ڪئي. صوبائي حڪومتن به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 100 ارب رپين کان وڌيڪ متاثرين جي ??اءِ ڪيا. 9 جنوري تي انٽرنيشنل ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سربراهه کانسواءِ نمائندا به شرڪت ڪندا. ان ڪانفرنس جي صدارت هو پاڻ ڪندو جڏهن ??ه ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن جي سربراهن ??ان رابطن جو سلسلو جاري آهي ته اهي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿين ته جيئن دنيا کي خبر پوي. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي ??ئين چونڊيل وزيراعظم سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ان ۾ پنهنجائپ محسوس ٿي. هن ??ن موقعي تي پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر قرار ڏنو. هن هر قسم جي امداد ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو عزم ظاهر ڪيو ۽ زوم جي ذريعي ان انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي حامي ڀري ڇو ته هن کي بطور ناڻي واري وزير بج??ٽ پيش ڪرڻي آهي. اهڙي طرح ترڪيءَ جي صدر، قطر جي امير، گڏيل عرب امارات جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، سڀني گرمجوشي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ??يرن تي بيهارڻ جي ??اءِ اسنا کي پاڻ قرباني ۽ ايثار جي جذبي جو اظهار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪو دانش اسڪول هتي ٺهيو آهي ان کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. بلوچستان جي ??قتي گورنر ۽ وڏي وزير ۽ انتظاميا ان ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي. ان اسڪول جي ??عم??ر ۽ ٻارڙين کي تعليم حاصل ڪندي ڏسي دل خوش ٿي وئي. اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب به قائم ڪئي وئي آهي. سمارٽ بورڊ هنيا ويا آهن. انهن ??هولتن کي ڏسي پنجاب جا دانش اسڪول ياد چي ويا. پنجاب ۾ جڏهن ??انش اسڪول جو منصوبو شروع ڪيو ته اميرن جي ??ارن وانگر ڏورانهن ??لائقن جي غريب ٻارن کي به تعليم جي سهولتن جي ??راهمي مقصد هو. هن ملڪ ۾ لکين ٻارن کي عام تعليم به ميسر نه آهي، لکين ٻارن جي ??اءِ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون به نه آهن. انهن ٻارن کي جيڪڏهن قومي ڌارا ۾ شامل نه ڪيو ته پاڪستان ٺاهڻ جي ??قصد جو خواب پورو نه ٿي سگهندو. هن چيو ته ايچي سن جي ابتڙ هي دانش اسڪول غريبن جي ??ارن جي ??اءِ ٺاهيا ويا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم رحيم يار خان جي دانش اسڪول ۾ ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جي ڇانوَ کان محروم تعليم پرائيندڙ ٻارڙيءَ عائشه جو داستان ٻڌائيندي ڳوڙها ڳاڙي ڏنا. وزيراعظم ان موقعي تي بلوچستان ۾ 12 دانش اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪي پنجاب ۾ ٺاهيل دانش اسڪولن جي طرز تي هوندا. جتي ٻارن کي مفت تعليم، قيام ۽ طعام جي سهولت ميسر هوندي. صوبائي حڪومت انهن ??سڪولن جي ??اءِ زمينون فراهم ڪري. پنجاب جي دانش اسڪولن جا ٻار سڄي دنيا ۾ بحثن ۽ مقابلن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. 2008ع ۾ لڳايل دانش اسڪول جي ان ٻوٽي سان سوين ٻار انجنيئرز ۽ ڊاڪٽرز بڻجي چڪا آهن. صحبت پور ۾ دانش اسڪول ۾ 23 مارچ تائين هاسٽل ۽ ٻيون سهولتون مڪمل ٿي وينديون جنهن ??و افتتاح 23 مارچ تي ئي ڪنداسين. انهن ??انش اسڪولن سان گڏ ميڊيڪل ڪلينڪس پڻ هونديون ته جيئن هتي تعليم پرائيندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين ۽ استادن کي ميڊيڪل جي سهولت ميسر اچي سگهي. هتي اي لائبريري به قائم ڪنداسين. هتي ماڊل اسڪول جي عمارت 2 مهينن ۾ مڪمل ٿي آهي، هاڻي ان کي دانش اسڪول ٺاهينداسين. ان ۾ خالد مگسي ۽ ٻين مقامي ماڻهن ??و پڻ وڏو ڪردار آهي. انهن ??انش اسڪولن کي شمسي توانائي سان بج??ي فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اهي دانش اسڪول پاڪستان جي ??اءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندا. جنهن ??ي روشني پوري پاڪستان کي روشن ڪندي. وزيراعظم چيو ته هتي جيڪي مطالبا پيش ڪيا ويا آهن ??نهن کي پورو ڪنداسين. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو ڪم اڃان جاري آهي. هزارين متاثرين اڃا به امداد جا منتظر آهن ??نهن ??ي لاءِ انٽرنيشنل ڪانفرنس منعقد ڪري رهيا آهيون. متاثرين کي اڃا گهرن جو معاوضو ادا ڪرڻو آهي. 10 لک گهر تباهه ٿيا آهن. ان جي ??اءِ الله پاڪ سبب پيدا ڪندو. حڪومت پنهنجا فرض مڪمل ڪرڻ تائين سک سان نه ويهندي. هن چيو ته وفاقي حڪو??ت جيڪي فنڊز ڏنا آهن ??هي پاڪستان جي رهندڙ هر شهري جو حق آهي. وسيلن تي انهن ??و حق آهي. بلوچستان جي ??ڏي وزير ۽ هتان جي ايم اين ايز، وقتي گورنر ۽ آفيسرن جيڪي ڪوششون ڪيون اهي ساراهه جوڳيون آهن. انهن کي جيڪو هدف ڏنو اهو انهن 2 مهينن ۾ مڪمل ڪيو. چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري تعليم بلوچستان ۽ ڪمشنر جي ??اءِ تمغه خد??ت جو اعلان ڪيو جيڪو انهن کي 23 مارچ تي ڏنو ويندو. جنهن ??و مقصد ٻين آفيسرن کي به اهڙي طرح محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي ته جيئن اسان ان پاڪستان جي تڪميل ڪري سگهون جنهن ??و خواب قائداعظم ڏٺو هو ۽ 23 مارچ 1940ع تي پاڪستان جي چپي چپي مان ماڻهن ??هو خواب ڏٺو هو ۽ ان جي ??رارداد منظور ڪئي هئي جنهن ??و مقصد اهو ته هتي سڀني کي برابر حق ملن نه ڪي امير امير تر ۽ غريب غريب تر ٿئي. پاڪستان ان لاءِ ٺهيو هو ته هتي رهندڙ هر مذهب جي ??يروڪار کي برابر حق ملن. اهو ئي اهو ويزن ۽ خواب آهي جيڪو اڃا تائين پورو نه ٿي سگهيو. لکين مسلمانن ان جي ??اءِ رت جا درياءَ پار ڪيا. اهي پنهنجا سمورا وسيلا ۽ سهولتون ڇڏي هتي پهتا ته انهن کي پنهنجي ??حنت جي زور تي هڪ مقام ملندو جڏهن ??ه بدقسمتي سان ائين نه ٿي سگهيو. ان موقعي تي وقتي گورنر جان محمد جمالي پنهنجي علائقي ۾ دانش اسڪول جي ??يام لاءِ مفت زمين جي ??راهمي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي ??ئين سر ??عم??ر ۽ بحالي جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي.