اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ جا مدرسا اسلامي ت??ليم جي فروغ جو اهم ذريعو آهن، حڪومت جي خواهش آهي ته ان نيڪ سماجي خدمت ۾ مدرسن جو هٿ ونڊايون، مدرسا پاڪستاني ۽ اسلامي اين جي اوز جو وڏو نيٽ ورڪ آهن، مدرسن جي ت??ليمي ۽ سماجي خدمتن ۾ عالم سڳ??رن جي مشاورت سان هر ممڪن تعاون ڪنداسين، مفتي اعظم پاڪستان رفيع عثماني مرحوم جي دين اسلام جي لاءِ خدمتن جي اسلامي دنيا متعرف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتحاد تنظيمات مدرسا جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صدر مولانا فضل الرحمان، مولانا مفتي محمد تقي عثماني، مولانا محمد حنيف جالنڌري، مولانا مفتي منيب الرحمان، صاحبزاده عبدالمصطفيٰ هزاروي، سين??ٽر پروفيسر ساجد مير، مولانا عبدالمالڪ، مولانا افضل حيدري، مولانا عبدالڪبير آزاد ۽ مولانا فضل رحيم اشرفي کانسواءِ ٻين اهم عالم سڳ??رن سان گڏوگڏ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مريم اورنگزيب، راڻا ثناءُ الله خان، مفتي عبدالشڪور، خاص معاون سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي مدرسن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم مدرسن جي منتظمين کي يقين ڏياريو ته حڪومت انهن مدرسن جي انتظام جي حوالي سان انهن کي وڌ کان وڌ خودمختياري ڏيڻ سان گڏوگڏ نه رڳو انهن جي رجسٽريشن جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان پر انهن مدرسن ۾ جديد دور جي گهرجن موجب تعليم جي فراهمي ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته سندس لاءِ اهم عالم سڳ??رن جي وفد سان ملاقات خوشي جوڳي ۽ عزت جوڳي آهي. وزيراعظ?? چيو ته توهان سم??رن عالم سڳ??رن جي ملڪ ۾ ديني شعبي جي ت??ليم ۽ تدريس جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ديني مدرسن ۾ ملڪ جي 40 کان 50 لک شاگرد مفت ديني ت??ليم مان فيضاب ٿي رهيا آهن جن ۾ حفظ قرآن پاڪ پڻ ڪرايو وڃي ٿو. وزيراعظ?? وڌيڪ چيو ته مدرسن سدائين پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي.