اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ ٽيسٽ مئچ ڏسڻ راولپندي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ويو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پڻ ان موقعي تي ص??ر سان گڏ هئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ مئچ پاڪستان ۾ عالمي ران??ين جي مڪمل بحالي جو مظهر آهي، ملڪ ۾ ران??ين جي فروغ ?? ڪرڪيٽ جي واپسي سان صحتمند روين جي فروغ ?? مدد ملندي. صدر ٽيسٽ مئچ جي پهرين ڏينهن انگلينڊ جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو.