اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنگين ڏوهن جا الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ماڻيندڙ 5 ڏوهاري?? جي رحم جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد شعبان ولد محمد انور جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، محمد شعبان کي ٽن سال?? جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. محمد عمران ولد فقير محمد جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪئي ??ئي?? محمد عمران گهريلو جهيڙي کانپوءِ پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن کي ڪات سان قتل ڪيو هو. صدر محمد افضل ولد محمد اصغر علي جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي آهي، محمد افضل کي والدين ۽ 6 ڀينرن ڀائرن سميت پنهنجي خاندا?? جي 8 ماڻهن کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ولد محمد اڪرم جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي، محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ٻن ماڻهن کي معمولي جهيڙي کانپوءِ قتل ڪيو هو. صدر آئي?? جي آرٽيڪل 45 تحت انهن اپيلن کي رد ڪيو آهي. آئي?? جي آرٽيڪل 45 تحت صدر ڪنهن به عدالت، ٽربيونل يا ٻي اٿارٽي پاران ڏني ويندڙ سزائن کي معاف ڪرڻ، معطل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.