نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هنگري جي واپار ۽ پرڏيهي وزير پيٽرز زيجارتو سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها ملاقات نيويارڪ ۾ ??ي. ??رڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هنگري سان ٻطرفن ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ??ي ٿو. ملاقات ۾ ٻطرف?? لاڳاپن جي سمورن شعبن تي غور ڪيو ويو جن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، ثقافت، دفاع ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت معاملا شامل آهن. ٻنهي ??رين ٻطرف?? لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيندي پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ت?? هنگري پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻي پاڪستاني ڪمپنين سان خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهي ٿو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن جو به جائزو ورتو.