اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسان جي زبان ئي سڃاڻپ آهي، جديد دنيا ۾ ڪيتريون ئي زبانون خاتمي طرف وڃي رهيون آهن، زبانن جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”لينگئيج ڊاڪيومينٽيشن“ جي ????ضو?? تي چار ڏينهن انٽرنيشنل ٽريننگ ورڪشاپ جي افتتاحي سيش?? کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته زبان مختلف ثقافتن ۽ معاشر?? کي گڏ ڪن ٿي??ن، زبان جي ڊاڪيومينٽيشن جهڙي اهم م??ضو?? تي تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ خوش آئنده عمل آهي. هي اهو م??ضو?? آهي، جيڪو اسان جي ثقافت ۽ عام روزمره جي زندگي ۾ بلڪل گم ٿي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 80 زبانون ڳالهايون وڃن ٿي??ن، جن مان 26 زبانون خاتمي طرف وڌي رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان جا ابا ڏاڏا زبانن جي اهميت کان چڱي ريت واقف هئا پر موجوده دور ۾ اسان جا ٻار انهن زبانن ۽ ڪلچر کان اڻواقف آهن. هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر زبان اسان جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جي ڊاڪيومينٽيشن ڪن ٿي??ن، ا?? کي پاڪستان ۾ فروغ ملڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو هي ورڪشاپ هڪ اهڙي باب جي شروعات آهي جيڪو زبان، ڪلچر، تاريخ ۽ معاشري جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته زبان نه رڳو معاشري، ثقافت ۽ تاريخ کي پنهنجي اندر سموئي وٺي ٿي پر ان سان هڪ اهڙو سماجي تعلق جنم وٺي ٿو جيڪو قومن جي سڃاڻپ جو سبب بڻجندو آهي. هن چيو ته حڪومت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي لينگئيسٽڪ مئنيجمينٽ سسٽم جي ??اءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڻ به 6 عالمي زبانون ڳالهائي ٿو، ا?? کي زبان جي اهميت جو چڱي ريت اندازو آهي. هن چيو ته زبان سماجي تعلق ۽ رابطي کي موثر بڻائي ٿي، اها هڪ اهڙي طاقت آهي جيڪا مختلف ثقافت?? کي سگهه ڏي ٿي. هن چيو ته زبان?? کي محفوظ ڪرڻ ۾ قومن جي بقاءَ آهي، ان سان اسان جي ??ومي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ??صاب ۾ انهن سڀني شين جي کوٽ آهي. اسا?? کي پنهنجي ??وجوان نسل ۽ ٻار?? کي زبانن جي اهميت کان روشناس ڪرڻو پوندو. اسا?? کي پنهنجي زبان سان پنهنجي ??ارن جي تعلق کي وڌائڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت سنگل نصاب جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ان تي اسان موثر طريقي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي انهن قدم?? کي اسان نصاب ۾ شامل ڪري سگهون ٿا. ان سان ٻار?? کي زبانن بابت معلومات ملندي. هن چيو ته پي ٽي وي جي اسڪرين ۽ ريڊيو پاڪستان جي آواز ۾ به اوپن يونيورسٽي جي انهن قدم?? کي شامل ڪري سگهجي ??و. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اوپن يونيورسٽي جو هي قدم نه رڳو زبانن جي ڊاڪيومينٽيشن آهي پر اهو هڪ ڪلچر، تاريخ، ورثو ۽ قومي تشخص جي ڊاڪيومينٽيشن ان ۾ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليج?? کي به شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وفاق ۾ هن وقت ان انيشيٽو کي آساني سان شامل ڪري سگهجي ??و. ان حوالي سان صوبن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هن چيو ته لينگئيج ڊاڪيومينٽيش?? کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شروع ڪرائي سگهجي ??و. ان تي مقابلا به ڪرائي سگهجن ٿا. هن چيو ته اسان مختلف ذريعا استعمال ڪري ا?? کي قومي انيشيٽو ٺاهي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ اسا?? کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 26 زبانون خاتمي طرف وڃي رهيون آهن. خدانخواسته مستقبل ۾ ان جي انگ ۾ اضافو ٿي وڃي ان لاءِ اسا?? کي هنيئر کان ئي پنهنجي زبان?? کي محفوظ بڻائڻو پوندو، انهي سان اسان جي ڪلچر ۽ سڃاڻپ کي سگهه ملي سگهي ٿي. هن چيو ته ترقي جي ??اءِ زبانن جو تحفظ ضروري آهي. اسان جي زبان ئي اسان جي سڃاڻپ آهي. قوم جي حيثيت سان اسا?? کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي. اسان سڀني جو فرض آهي ته نوجوان نسل تائين ان پيغام کي پهچايون. واضح رهي ته چئن ڏينهن واري ورڪشاپ جو انعقاد علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي سينٽر فار لينگئيجز اينڊ ٽرانسليشن اسٽڊيز اينڊ او آر آءِ سي يونيورسٽي آف نارٿ ٽيڪساس، آمريڪا ۽ انگلشرز ايل ايل ايل انٽرنيشنل ترڪيءَ جي تعاون سان ڪيو آهي. اهو ورڪشاپ 27 جون تائين جاري رهندو. ورڪشاپ ۾ يونيورسٽي آف نارٿ ٽيڪساس، آمريڪا سان ڊائريڪٽر ورڪشاپ پروفيسر ڊاڪٽر صدف منشي، ايرڪ انگلير، اورنگزيب ۽ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان جوناٿن پيرامور شرڪت ڪري رهيا آهن.