اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران نيشنل ??ميچور شارٽ فلم فيسٽيول (NASFF – 21) جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ ڪامياب نوجوانن جي مان ۾ مانجهاندي واري ت??ريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب جو مقصد نيشنل ??ميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي اسڪالرشپس کٽيندڙ نوجوانن کي عالمي شهرت يافته فلم انسٽيٽيوٽ نيويارڪ فلم اڪيڊمي، آسٽريليا ۾ تعليم ??اصل ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ڪاميابي کي ملهائڻ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ڊائريڪٽر جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) عمرانه وزير، ايڊيشنل ??يڪريٽري مبشر توقير، ڊائريڪٽر (ڊي اي ايم پي) آصف الرحمان، آءِ ايس پي آر جي آفيسرن برگيڊيئر عمران نقوي ۽ ميجر احمد بٽ پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي ت?? نيشنل ??ميچور شارٽ فلم فيسٽيول اسڪالرشپس حاصل ڪندڙن حمزه بن افتخار، عقيده چشتي، روح الله ڪشفي، شاهه زيب علي، ثقلين عباس، حذيفه احمد، مريم نقوي، وشال ڪدواني، عرفان نور بخش ۽ حارث لطيف موجود هئا. ان موقعي ت?? ايفنيٽي مان صبا چوهاڻ، ميثم رضا ۽ محمد ياسر پڻ موجود هئا. ان موقعي ت?? خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽ??ي نيشنل ??ميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. نيشنل ??ميچور شارٽ فلم فيسٽيول نوجوانن کي ميڊيا سائنسز ۽ فلم سازي جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ ??ڪ پليٽ فارم فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل ??ميچور شارٽ فلم فيسٽيول پليٽ فارم پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ ان شعبي ۾ پنهنجو ڪيريئر بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي تحقيقي صلاحيتن ۽ مهارتن جي اظهار لاءِ اهڙن ايونٽس ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن.