اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي ??ي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين جي منافي آهي، قومي اسيمبلي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، قومي اسيمبلي ??و اج??اس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني هو، قومي اسيمبلي 3 اپريل 2022ع جي پوزيشن تي بحال ڪئي ??ڃي ٿي، نگران حڪومت جي قيام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي ??ان صدر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته وزيراعظم اسيمبلي ??حليل ڪرڻ جي اهل نه هو، وزيراعظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي ??و 9 اپريل ڇنڇر تي ساڍا 10 وڳي اج??اس گهرائي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪنهن ميمبر جي اج??اس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪنهن به قومي اسيمبلي ميم??ر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، تنهن هوندي به پارٽي کان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قرار ڏنو آهي ته اسپيڪر ڇنڇر تي قومي اسيمبلي ??و اج??اس گهرائي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ته فوري نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي ??ڃي، لکت وارو حڪم نامي بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.