اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي وقتي صدر ج??ال شاهه ڪاڪڙ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ج??ال شاهه ڪاڪڙ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ کي واپس تر??ي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم جي گذريل سالن ۾ نظرانداز ڪيل علائقن خاص طور تي بلوچستان جي ترقي کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي هدايت کي خوش آئنده قرار ڏ??و. وزيراعظم چ??و ته بلوچستان ۾ تر??ي جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت کي تر??ي جي هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.