اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ ??ور??ا جي وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ فعال قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ??ور??ا سا?? پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ ??ور??ا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير نبيل منير سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو وڌائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پُرڪشش مقام آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد سفير ??ور??ن سيڙپڪارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه ڪري، ??ور??ا ۽ پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي فروغ جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته ??ور??ا جي سياحن کي پاڪستان ۾ ٻڌمت جي تاريخي مذهبي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي، هن ??ور??ا جي ايگزم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ آءِ ٽي پارڪ لاءِ 88 ملين ڊالر ڏيڻ ۽ ڪراچي ۾ سا?? سنگ جي موبائيل فونز مينوفيڪچرنگ يونٽ شروع ڪرڻ کي به ساراهيو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني دوستي گروپ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي به زور ڏنو، ان کانپوءِ الجزائر ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر محمد طارق به صدر سا?? ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ الجزائر سا?? لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نامزد سفير الجزائر سا?? پارلياماني ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي وفدن جي مٽاسٽا جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. صدر ان موقعي تي پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل قائم ڪرڻ جي تجويز به ڏني.