اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي واهگا بارڊر جي رستي ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون اف??ان ٽرڪن جي ذريعي اف??انستان منتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آ??يس ج?? ترجمان موجب پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي اف??ان عوام کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض سان ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون واهگا بارڊر ۽ طورخم جي رستي اف??ان ٽرڪن جي ذريعي اف??انستان منتقلي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انساني امداد ۾ سهولت جي فراهمي لاءِ حڪومت پاڪستان جي عزم ۽ سنجيدگي جو ثبوت آهي. ان فيصلي سان پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم ال??مور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته هو اف??انستان کي انساني امداد جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي.