ڊيره اسماعيل خان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏيون مافيائون ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نٿيون چاهيون، ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضبوط ٿيڻ نه ڏنو، ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ چون ٿا ته ا??ان کي اين آر او ڏيو ۽ غريبن کي پڪڙيو، ملڪ ۽ عوام جي ترقي لاءِ ايندڙ چونڊن جو نه ايندڙ نسلن جو سوچڻو پوندو، وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، پاڻي ذخيرو ڪرڻ، پاڻي جي بهتر استعمال، بنجر زمينون پوکي لائق بڻائڻ ۽ زرعي تحقيق تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اهڙي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون ت?? عالمي منڊي جا اثر ا??ان جي ملڪ ۾ شين جي قيمتن ت?? نه پون، وزيرستان ۾ محسود ۽ وزير قبائل لاءِ ٻه ضلعا ٺاهينداسين، هن اهڙن خيالن جو ا??هار آبادگار ڪنوينشن ۽ آبادگار ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، وزيراعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جو قيام دنيا جو هڪ تمام وڏو انقلاب هو ۽ اسلام جي نالي کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ جي هو قائل نه آهي، حضور اڪرم ﷺ جي حيات مبارڪ جو مطالعو ڪيو آهي، ڪجهه سالن ۾ ئي مديني جي رياست دنيا جون حالتون بدلائي ڇڏيون، اڄ دين جي عمل نه ڪرڻ جي ڪري ا??ان جون حالتون خراب آهن، مديني جي رياست ۾ عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان ۾ وڏيون مافيائون قانون جي بالادستي نٿيون چاهيون ۽ جيڪي ماڻهو ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻي رهيا آهن اهي چون ٿا ته ا??ان کي اين آر او ڏيو ۽ غريبن کي پڪڙيو. ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضبوط نه ٿيڻ نه ڏنو، سچي ۽ غيرت مند ماڻهو ئي مضبوط قوم بڻائي سگهن ٿا، ا??ان کي وڏي قوم بڻجڻ لاءِ صادق ۽ امين بڻجڻو پوندو ۽ انصاف جو نظام قائم ڪرڻو پوندو ۽ عظيم قوم بڻجڻ لاءِ پنهنجي اخلاق کي بلند ڪرڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته نوجوان پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو آهن، پاڪستان ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ نه آهي، دنيا ۾ ڪنهن جي سامهون هٿ ٽگيندڙن جي عزت نه آهي غيرتمند ماڻهن جي عزت هوندي آهي. رشوت ڏيندڙ ۽ رشوت وٺندڙ ٻنهي جي غيرت ختم ٿي ويندي آهي، رشوت کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻاهرين دنيا ۾ ڪو به اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو سوچي به نٿو سگهي پر ا??ان جي ملڪ ۾ پولنگ ايجنٽس به موجود هوندا آهن پر ان جي باوجود ا??ان جو ڌيان ووٽرز کي پولنگ اسٽيشن ت?? آڻڻ کان وڌيڪ ڌانڌلي کي روڪڻ تي هوندو آهي، ٻاهرين ملڪ اربين روپين جون جائيدادون ٺاهيندڙ هاڻي اتي ويـٺل آهن ۽ تقريرون ڪري رهيا آهن پر پنهنجي آمدني جي ذريعن جي هڪ رسيد تائين نٿا ڏيکاري سگهن، ا??ان مافياز جي خلاف قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون پر گڏوگڏ قوم کي به پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو آهي، قيام پاڪستان جي وقت ا??ان جي آبادي 4 ڪروڙ کان به گهٽ هئي، اڄ آبادي 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، هلندڙ سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداور ٿيڻ جي باوجود ا??ان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي، اهڙي طرح داليون، گهيي ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون به درآمد ڪندا آهيون، ٻاهرين منڊين ۾ قيمتون وڌڻ ??ان به مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته بينادي تعليم ۽ بنيادي صحت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، انهي ??ان وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ا??ان کي پنهنجي وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لا فصلن جي پيداوار ۾ به اضافو ڪرڻو پوندو جيڪڏهن آبادي اهڙي طرح وڌندي رهي ته پوءِ اڳتي بک ۽ بيروزگاري کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، گذريل هڪ سال ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گذريل 20 سالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ وڌيون آهن، ملڪ ۾ جيڪڏهن اناج پوکيون ت?? ٻاهرين قيمتن جو ا??ان جي مٿان اثر نه پوندو، هن چيو ته گومل زام ڊيم مان ٻه لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آباد ٿيندي، جن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ۽ زمينون غير آباد پيون آهن انهن ت?? ماضي ۾ ڌيان نه ڏنو ويو، هاڻي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ پاڻي جي بهتر استعمال تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، 50 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ 10 وڏا ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، هن وقت پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 14 ملين ايڪڙ فوٽ آهي جنهن کي 25 ملين ايڪڙ فوٽ تائين وڌايو ويندو. فصلن جي پيداوار لاءِ پاڻي جو بهتر استعمال ضروري آهي، ان ??ان گڏوگڏ زرعي تحقيق جي فروغ تي به ڌيان ڏيڻو پندو، پهرين زرعي يونيورسٽي فيصل آباد ۾ وڏي تحقيق ٿيندي هئي پر هاڻي نه ٿي رهي آهي، هندستان به ا??ان ??ان گڏ آزاد ٿيو پر اتي زرعي تحقيق وڌيڪ ٿي رهي آهي ان لاءِ ان جي زرعي پيداوار ا??ان کان وڌيڪ آهي، پاڻي جي بهتر استعمال، معياري ٻج ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي فصلن جي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي، ان سلسلي ۾ وزيرستان ۾ زرعي ترقي جي وڏي گنجائش آهي، ملڪ ۽ خاص طور تي خيبرپختونخوا ۾ زيتون جي پوک جو انقلاب اچي رهيو آهي، بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ به زيتون جي پوک کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ ا??ان اهو برآمد ڪري سگهون ٿا، پاڪستان ۾ زيتون ۽ ايواڪارڊو جهڙين ڀاڄين ۽ ميون جي پوک لاءِ حالتون انتهائي موزون آهن، ا??ان کي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ترقي لاءِ ايندڙ اليڪشن جو نه پر ايندڙ نسلن جو سوچڻو پوندو. 60ع جي ڏهاڪي کان پوءِ پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن، وزيراعظم چيو ته ا??ان 70 کان 80 سيڪڙو کاڄرو تيل درآمد ڪندا آهيون پنهنجي ملڪ ۾ پام آئل ۽ سويابين جي پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، ا??ان اهڙي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون ت?? دنيا جون حالتون ڪهڙيون به هجن، عالمي منڊي ۾ قيمتن جا اثر ا??ان جي مٿان نه پون ۽ ا??ان پنهنجي فصلن جي پيداوار ۾ پاڻڀرا هجون. هن چيو ته ڊيره اسماعيل خان جي زمين ت??ام گهڻي زرخيز آهي، هتان زرعي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي، ان کانسواءِ چولستان ۾ به پاڻي جو صحيح استعمال ڪري ا??ان پنهنجي پيداوار وڌائي سگهون ٿا، ڊيره اسماعيل خان ۾ زرعي يونيورسٽي جي قيام ??ان تحقيق کي فروغ ملندو، نمل يونيورسٽي ۾ به زرعي تحقيق جو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو پيو وڃي سي پيڪ تحت چين جي تعاون ??ان زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو ا??تعمال يقيني بڻايو پيو وڃي، ان کانسواءِ کير جي پيداوار وڌائڻ تي به ڌيان ڏنو ويندو، هن چيو ته موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. پهرين شوگر مافيا کين ادائيگيون نه ڪندو هو ۽ مقرر اگهن کان به گهٽ معاوضو ڏنو ويندو هو، حڪومت آبادگارن کي انهن جي فصلن جو معاوضو ڏياريو جنهن کانپوءِ آبادگارن فصلن جي پوک تي ڌيان ڏنو اهو ئي سبب آهي ته ڪڻڪ، چانور ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي ان کانسواءِ ڪپهه جي به بهترين فصل ٿيندي، جڏهن آبادگارن جي آمدني وڌندي ته انهن ۾ خوشحالي کڻي ايندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت قبائلي علائقن جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيرستان ۾ محسود ۽ وزير قبائل لاءِ ٻه ضلعا ٺاهيا ويندا. ٻنهي قبلين جي وچ ۾ زمينن جي حوالي ??ان مسئلا آهن، زمينن جي تڪرار جي حل لاءِ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان کي هدايت ڪئي آهي، نون ضلعن جي قيام ??ان انتظامي معاملن ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهن کي بهتر سهولتون ملنديون.