اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب روشن، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان ئي اسان جو مقصد آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چوڌري فواد حسين چ??و ته باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست بڻجي اڀريو جنهن تي قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. چوڌري فواد حسين چ??و ته قائداعظم محمد علي جناح جي تعليم ۽ ان جي فرمانن جي اهميت موجوده دور جي مسئلن کي آڏو رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. باباءِ قوم جي دور ا????يش?? ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا هئا ته جيئن سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪري سگهجي. چوڌري فواد حسين چ??و ته اڄ اسان جي مسئلن ج?? وڏو سبب ان تعليم کان دوري آهي، اسان کي پ??امن، ترقي پ??ند ۽ جمهوري سوچ کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چ??و ته انشاءَ الله پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت باباءِ قوم جي ترقي پ??ند ۽ جمهوري پ??ڪستان جي خواب جي تعبير ڪندي.