اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان طالبان پاران ان خاطري جو خواهشمند آهي ته افغان سرزمين ان جي خلاف استعمال نه ٿيندي جيئن طالبان چين ۽ آمريڪا کي به خاطري ڪرائي آهي ته افغا??ست??ن جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغا??ست??ن ۾ افغان عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، پاڪستان افغا??ست??ن ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استنبول ۾ ٽي آر ٽي جي پروگرام ”اسٽريٽ ٽاڪ“ ۾ هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن چيو ته اسان کي به اه??ي طرح خاطري ڪرائي وڃي جه??ي طرح چين ۽ آمريڪا کي ڪرائي وئي آهي ته افغان حدون ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿينديون. اها ڳالهه صدر پروگرام جي ميزبان پاران طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دهشتگرد گروپن جي ٻيهر فعال ٿيڻ ۽ افغا??ست??ن ۾ نئين حڪومت سان ڪنهن شرط بابت پاڪستان جي موقف جي حوالي سان س??ال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته طالبان چين ۽ آمريڪا کي خاطري ڪرائي هئي ۽ پاڪستان لاءِ به اها ئي اميد آهي، انهي اصول تي مون کي اميد آهي ته افغا??ست??ن جي نئين حڪومت پاڪستان سان به اه??ي طرح جو طرز عمل اختيار ڪندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي منشور ۾ مقرر ڪيل عالمي قدرن ۾ به انهي رويي جي حمايت ڪئي وئي آهي. دهشتگردن جي روڪٿام بابت هن چيو ته پاڪستان افغا??ست??ن جي سرحد تي خاردار تار لڳائي آهي، طالبان کي افغان عوام جو حقيقي نمائنده تسليم ڪرڻ بابت هڪ س??ال جي جواب ۾ صدر چيو ته حڪومت ٻين ملڪن جي مشاورت سان ڪو به فيصلو ڪندي، پهرين اسان کي ان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻو آهي. طالبان جو پاڪستان جي اعتماد جوڳي هجڻ بابت س??ال جي جواب ۾ هن چيو ته افغا??ست??ن ۾ جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ هجي اسان ان تي اعتماد ڪريون ٿا ڇو ته پاڙيسري جي حيثيت سان امن يقيني بڻائڻو آهي. هن افغا??ست??ن مان آمريڪا جي نڪرڻ کي جلد بازي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان سدائين آمريڪا کي چيو ته جنگ نه پر ڳالهيون ئي بهترين حل آهي، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ويٽنام جنگ يا افغا??ست??ن ۾ سوويت مداخلت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال جي نتيجي کي وساريو ويو. صدر چيو ته افغا??ست??ن جي صورتحال جي لاءِ پاڪستان کي ذميدار بڻائڻ فيشن بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته افغا??ست??ن ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي اها دنيا جي سامهون آهي، آمريڪا افغا??ست??ن ۾ 20 سال قيام دوران 2 کرب ڊالر خرچ ڪيا آهن ۽ ترقي لاءِ سوين ارب سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته بليم گيم ۽ قرباني جو ٻڪرو تلاش ڪرڻ آسان آهي، جنگ سٽيل ملڪ ۾ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار بابت صدر چيو ته پاڪستان افغا??ست??ن ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغا??ست??ن ۾ چئن ڏهاڪن کان جاري تڪرار سبب افغا??ست??ن کانپوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو آهي. افغا??ست??ن ۾ امن جي بحالي کانپوءِ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪندڙ وڏو ملڪ هوندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مسئلا تيزي سان حل ڪيا ويندا، هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، ان قدم کي افغان عوام کي خيرخواهي جي جذبي طور ياد رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ترقياتي ايجنڊا تي عملدر??مد لاءِ چين، روس، ترڪي ۽ آمريڪا سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته ڀارت سازشي جو ڪردار ادا ڪر رهيو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي خلاف ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ترڪي سان ٻطرفي دفاعي تعاون تي اعتماد جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به صلاحيتن مان فائدي لاءِ معاشي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي تي زور ڏنو، هن ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان جي قدمن تي ترڪي پاران اڻٽر حمايت جو به ذڪر ڪيو جتي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن.