اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) عورتن جي تعليم لاءِ سرگرم ڪارڪن مل??له يوسفزئي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي ٽيليفون ڪيو ۽ افغانستان ۾ عورتن جي حقن بابت عالمي خدشن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ تعليم جي فروغ لاءِ پنهجو تعاون جاري رکندو، پاڪستان افغان پناهگير ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، هن وقت 6 هز??ر جي لڳ ڀڳ افغان ٻار پاڪستان ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. مل??له يوسفزئي چيو ته افغانستان ۾ عورتن جي تعليم لاءِ پاڪستان ??نه??جو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته مون وزيراعظم پاڪستان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم لاءِ پاڪستان جي ڪرد??ر جي حوالي سان به خط لکيو آهي.