اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان متحده عرب امارات (يو اي اي) جي سفير عماد عبيد ابراهيم الزابي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون، سياحت، واپار ۽ ماحولياتي تبديلين سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ نيون راهون فراهم ڪندي آهي، هن چيو ته متحده عرب امارات ۽ ??اڪ??تان گڏيل اعتماد تي ٻڌل خوشگوار لاڳاپن مان مستفيد ٿي رهيا آهن، متحده عرب امارات ??اڪ??تانين جي لاءِ ٻي گهر وانگر آهي، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جا وسيع امڪان موجود آهن جن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. مملڪتي وزير ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽ جي صنعت ۾ ڪاروباري صلاحيتن جي فروغ لاءِ يو اي اي جي سفير الزابي جي فيصل آباد جي دوري کي ساراهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب يو اي اي جي سفير کي آگاهه ڪيو ته ??اڪ??تان ??ون زرعي مصنوعات سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، ??اڪ??تاني واپارين جي ذريعي انهن شين کي وچ اوڀر جي مارڪيٽن تائين پهچ ملڻ سان ??رقي جا نوان موقعا ميسر ايندا، ڌرين ٻنهي ملڪن جي سرڪاري نيوز ايجنسين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان ??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاداڻي معلومات جي فراهمي ۽ هڪٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.