اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سستي ۽ جلد ??نص??ف جي فراهمي لاءِ وفاقي مح??سب جي دائري ڪ??ر کي سگهه ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايتن جي موثر ازالي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي مح??سب سيد طاهر شهباز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي وفاقي مح??سب صدر کي سالياني رپورٽ 2020ع پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر جي هداي??ن تي شروع ڪيل آگاهي مهم جي ڪري وفاقي مح??سب کي رڪارڊ آن لائين شڪايتون مليون آهن. وفاقي مح??سب کي 130112 شڪايتون مليون. وفاقي مح??سب 2020ع ۾ 133521 شڪايتون اڪلايون. 70311 شڪاي??ن تي رليف ڏنو ويو جيڪي اڪلايل شڪايتن جو 50 سيڪڙو آهي. 2019ع جي ڀيٽ ۾ 7 ڀيرا وڌيڪ آن لائين شڪايتون مليون آهن.