اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان عالمي برادري تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف جعلي فليگ آپريشن جي بيوقوفي ڪئي وئي ته ان جو هر سطح تي ڀرپور جو??ب ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت پاران 2020ع ۾ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جون ٽي هزار خلاف ورزيون ڪيون ويون آهن، هروڀرو ۽ ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو ب??ائڻ جي نتيجي ۾ 276 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جنهن مان 92 عورتون ۽ 68 ٻار شامل آهن، وزيراعظ?? عمران خان چيو ته گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت فوجي مبصر گروپ جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو ب??ائڻ عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، ان گاڏي تي گڏيل قومن جو واضح نشان ۽ نيرو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، ڀارت جو اهو قدم ڪنهن به ذميدار رياست جي قد??ن، عالمي ۽ گڏيل قومن جي قانونن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.