اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جو اڀي نندن جي حوالي سان بيان، پي ڊي ايم جي گجرانوالا جلسي ۾ عدالتي مفرور مجرم جي تقرير، ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ بلوچستان ۾ آزاد بلوچستان جو نعرو آئين جي آرٽيڪل 19 جي سراسري خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن اياز صادق ۽ پي ڊي ايم قيادت پارليامينٽ ۾ بيهي انهن شين تي معافي نه گهري ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، اياز صادق جي بيان تي ڀارت ۾ مٺايون ورهايون پيون وڃن، ?? ل??گ ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي ذاتي مفادن جي ??اءِ هر حد عبور ڪري وٺندي، اڄ اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته پاڪستان جي سياست ذات بدران ملڪي مفادن جي چوڌاري گهمندي، مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ڪنهن به اڳوان آزاد بلوچستان جي ??عري تي نه ندامت ڪئي ۽ نه ئي وري مذمت ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پي ڊي ايم جو بيانيو ئي دشمن جي بياني کي فروغ ڏي?? آهي، اهو سڀ ڪرپشن زده ماڻهو ۽ عدالت کي گهربل مجرم، دشمن جي بياني کي فروغ ڏئي رهيا آهن، پي ڊي ايم جي ??ليٽ فارم تان ڊرامي جو مقصد ادارن تي دٻاءُ وجهي ڪيس واپس وٺڻ ۽ سينيٽ جي اليڪشن کي متاثر ڪر?? آهي، وزيراعظم عمران خان انهن کي ڪنهن به صورت ۾ محفوظ رستو نه ڏيندو ۽ نه ئي کين اين آر او ملندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.