اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ سونپيندي موٽر ويز تي سيڪيورٽي ۽ سرويلنس لاءِ موٽر بائيڪ سروس جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. مواصلات واري و??ارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي و??ير عبدالعليم آءِ جي موٽر ويز پوليس کي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وفاقي و??ير هدايت ڪئي ??ه موٽر وي تي هڪ ئي وقت 30 کان 35 موٽربائيڪس کي مختلف سيڪٽرز ۾ پيٽرولنگ ڪندي رهڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ موٽر وي ??وليس پنهنجي و??يلن مان بائيڪ سروس شروع ڪري جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. وفاقي و??ير چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، موٽر وي ??وليس، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ ضلعي پوليس گڏيل قدمن کي يقيني بڻائي. مواصلات واري وفاقي و??ير چيو ته موٽر وي جي پاسن کان حفاظتي بند جي تار جي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. وفاقي و??ير موٽر وي ??وليس جي اختيارن لاءِ قانونسازي ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي.هن چيو ته شهرين جي حفاظت لاءِ موٽر وي ??وليس کي وڌ کان وڌ ذميواري وٺڻي پوندي. هن هدايت ڪئي ??ه اهڙو ميڪنزم اختيار ڪيو وڃي ته موٽر وي تي سفر کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي ??گهجي. موٽر وي تي جتي ڏوهه ۽ حفاظتي بند جي تار چوري جا واقعا وڌيڪ آهن ??نهن ??ي نشاندهي ڪريو. مواصلات واري وفاقي و??ير چيو ته جنهن ??لائقي ۾ حفاظتي بند جي تار چوري ٿيندي، اتان جو اين ايڇ اي آفيسر ۽ موٽر وي ??وليس ذميواري ٿيندي، جن ايرياز ۾ حفاظتي بند جي تار ٽٽي چڪي آهي يا چوري ٿي و??ي آهي، اتي نئين حفاظتي بند واري تار جو بندوبست ڪيو وڃي. وفاقي و??ير چيو ته آءِ جي موٽر وي ??قامي پوليس سان گڏ حفاظتي بند واري تار چوري جي ڪيسن جي مڪمل پيروي کي يقيني بڻائي، وفاقي و??ير مواصلات واري سيڪريٽري کي هڪ هفتي ۾ جامع قدمن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.