اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ آغا خان فائونڊيشن وچ ۾ موسمياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ??عاهدي تي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي ۽ آغا خان فائونڊيشن جي قومي ڪميٽي جي چيئرمين امين فراست صحيحون ڪيون. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو ته پاڪستان جي موسمياتي ۽ ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ حصيداري جو اهم ڪردار آهي، ??ن چيو ته معاهدي جو مقصد پاڪستان جي ٻهراڙي ۽ ??ام??نڊي علائقن ۾ معاشي تحفظ ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته ان حصيداري ذريعي موسمياتي قدمن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جا ??ام??نڊي ۽ جابلو علائقا شديد موسمي اثرن جو شڪار آهن، انهن مسئلن ۾ گليشيئر جو پگهرجڻ، ??ام??نڊي سط?? ۾ ??ضافو، زرعي مسئلن ۽ پاڻي جي کوٽ شا??ل آهن. هن چيو ته سنڌ جي ??ام??نڊي علائقي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ٻهراڙي جا علائقا به موسمياتي اثرن جو شڪار آهن.