اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 11 کان 12 جنوري تائين پاڪستان جي ميزباني ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي ??عليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي ??ياري ڪميٽي جي ??جلاس جي ??دارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم ي??ٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، پرڏيهي وزارت جي ??يڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، سي ڊ?? اي چيئرمين، پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڪانفرنس جي ??يارين جو جائزو ورتو جنهن ۾ هڪ ٺوس ايجنڊا پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ ڇوڪرين جي ??عليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن، ڇوڪرين جي ??عليم جي ??ماجي ۽ معاشي فائدن ۽ تعليمي برابري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جديد طريقي تي ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي.