بيجنگ- 18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال بيجنگ ۾ ڪراچي ۾ پاور چائنه جي انجنيئرن جي دهشتگردي جي ??اقعي ۾ مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن وزيراع??م شهباز شريف طرفان پاور چائنه جي انتظاميه ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري پاڪستاني قوم اوهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. احسن اقبال دهشتگردي جي ان واقعي جي ??ذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جا هينڊلرز سي پيڪ جي ??نصوبن کي رول بيڪ ڪرڻ چاهين ٿا، پر اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل ڀائيچاري کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. هن خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ انجنيئرز ۽ عملي جي سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته سي پيڪ 2.0 جي رفتار گهٽ نه ٿيندي پر هي منصوبو وڌيڪ بلندين تي پهچندو ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن هوندو. اي