اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي اجازت کانسواءِ قومي فضائي ڪمپني پي آءِ اي جي نجڪاري کان روڪڻ جو پنهنجو اڳوڻو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. جس??س امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 6 رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن پي آءِ اي جا وڌيڪ شيئرز سستن اگهن تي وڪرو ڪرڻ جي خبرن تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان ??قت جي چيف جس??س آف پاڪستان جس??س ثاقب نثار نجڪاري جي عمل کي روڪڻ جي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ پي آءِ اي جي وڏن نقصانن جي سببن جي جاچ ڪرڻ جو في??لو ڪيو هو. حڪم نامي ۾ حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ پي آءِ اي جي نجڪاري کي اڳتي نه وڌايو وڃي. تنهن هوندي به سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪالهه هڪ مختصر ٻڌڻي ۾ پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو، جنهن سان قومي ايئر لائن جي نجڪاري ڪرڻ جي حڪومتي منصوبي جي راه?? هموار ٿي وئي.