اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لا??ِ وسيع موقعا ۽ سگهه موجود آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي جاپان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير متسو هيرا وادا ??ان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي ٻطرفي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙي موقف تي خي??لن جي ڏي وٺ ٿي. عهدو ڇڏيندڙ سفير متسو هيرا وادا جنهن پاڪستان ۾ پنهنجي ٽن سالن جي مدت پوري ڪري ورتي، پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ 1952ع ۾ قائم ٿيل سفارتي لاڳاپن کانپوءِ اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ مستحڪم اڳڀرائي تي روشني وڌي. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت رجحانن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته جاپان واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ، ثقافت، راندين، نوجوانن ۽ تعليمي مٽاسٽا ۾ واڌ ذريعي پاڪستان ??ان تعاون ۾ پرعزم آهي. هن صحت، تعليم، ماحوليات، پاڻي ۽ حڪمراني جي طرز جهڙن گڏيل ترجيحي شعبن ۾ جاپان جي پاڪستان جي حمايت جي عزم کي پڻ ورجايو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پراڻن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ پاڪستان لا??ِ جاپان جي ترقياتي ۽ اقتصادي امداد جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير پاڪستاني معيشت کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ ۾ جاپان جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جا وسيع موقعا ۽ صلاحيت موجود آهي. ناڻي واري وزير جاپاني سفير کي ملڪي معيشت جي صورتحال ۽ مختلف معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا کي پائيدار بنيادن تي اڳتي وڌائڻ لا??ِ پرعزم آهي. اقتصادي استحڪام جي تسلسل کي برقرار رکڻ لا??ِ ان رستي تي مستقل مزاجي ??ان هلڻ ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار اقتصادي ت??قي لاءِ قدمن جي نتيجن ۾ معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي.