اسلام آباد – 01 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن کان ايندڙ هفتي ڪميٽين جو معاملو حل نه ٿيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين جو اجلاس طلب ??ري چيئرمينن جي چونڊ ڪئي ويندي. ايم اين اي آغا رفيع الله ضمني سوال ۾ چيو ته اپوزيشن ميمبر رڳو پوائنٽ اسڪورنگ ??ري رهيا آهن، جيڪڏهن اهي ماڻهو پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن جي ??ري جيڪي ڪميٽيون اڻپوريون آهن اهي مڪمل ڪيون وڃن. عامر ڊوگر چيو ته ايندڙ هفتي ۾ رهجي ويل ڪميٽين کي مڪمل ??ري وٺنداسين. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر چيو ته ڪميٽي اجلاس جي ??ڪيوزيشن اچي رهي آهي جيڪڏهن اهو عمل مڪمل نه ٿيو ته ايندڙ هفتي اجلاس گهرايو ويندو.