اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنجگور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان ت??زيت جو ??ظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگرد ملڪي ترقي ۽ صوبي جي خوشحالي جا دشمن آهن. صدر چيو ته دهشتگرد بلوچستان کي ترقي ڪندي نه ٿا ڏسڻ چاهي??. ه?? حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.