اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۾ خارجين جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن پيشيواراڻي مهارت سا?? فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن بشمول خودڪش بمبارن ۽ انهن جي مک ليڊر کي جهنم واصل ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان ۾ ه?? چيو ته دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خ??تم?? تائين ان جي خلاف جنگ ج??ري رکنداسين.