اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي اسپين وام ۾ خوارجي ??هش??گردن خلاف ڪا??ياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪندي ??هش??گردن سان وڙهندي جان جو ن??رانو پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت وطن جي دفاع خاطر عظيم قرباني پيش ڪندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت سميت سمورن بهادر جوانن جي حب الوطني جي جذبي کي سارهيو. صدر مملڪت ??هش??گردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي قومي عزم جو اظهار به ڪيو. صدر مملڪت شهيد جوانن جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي سمورن شهيدن جي بلند درجن ۽ ڏکوئيل ڪٽنبن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.