اسلام آباد-19 سي??ٽم??ر(اي پي پي) پاڪستان سميت س??ي دنيا ۾ سياحت جو عالمي ڏهاڙو 27 سي??ٽم??ر تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سياحت کي هٿي وٺرائڻ، نون سياحتي ماڳن جي ڳولا، قديمي آثارن کي محفوظ بڻائڻ، ڏيهي ?? پرڏيهي سياحن جي دلچسپي جي امڪانن ۾ اضافو، سياحن جو تحفظ، سياحتي علائقن ۾ وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي ۽ نون سياحتي ماڳن تائين پهچ سميت مختلف لاڳاپيل معاملن کي هٿي وٺرائڻ آهي. ان موقعي تي سياحت کاتي سميت سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي حصيداري سان مختلف پروگرام منع??د ڪيا و??ند??، جن ۾ سياحت جي اهميت تي روشني وڌي ويندي.جڏهن ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پاران پڻ خاص پروگرام نشر ۽ مواد شايع ڪيو ويندو.