اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سحاق ڊار سان پاڪستان جي دوري تي آيل ايشيا ۾ رابطي ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس (سيڪا) جي سيڪريٽري جنرل سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ايشيا ۾ گڏيل ۽ ٺوس تعاون تي ٻڌل ?? پائيدار سلامتي جي لاءِ سيڪا جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن جي روڪٿام، مقامي تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ سيڪا خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ روڪٿام جي سفارتڪاري، گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سيڪا جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ نائب وزيراعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ مستقبل جي موقف ??ان آگاهه ڪيو.