اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقويءَ شهرين کي عالمي معيار جون تف??يح?? سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ 200 ايڪڙن تي سڀ کان وڏي ماحول دوست چڙيا گهر ۽ سفاري پ??رڪ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي. مجموعي طور تي 5 هزار جانور، پکي چڙيا گهر ۽ سفاري پ??رڪ ۾ رکيا ويندا. گهرو وزير جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ چڙيا گهر ۽ سفاري پ??رڪ ٺاهڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو ويو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا چڙيا گهر ۽ سفاري پ??رڪ ٺاهڻ واري پراجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ 2 هزار جانور ۽ پکي رکيا ويندا. گهرو وزير محسن نقوي چڙيا گهر ۽ سفاري پ??رڪ جي ??رلڊ ايسوسيئيشن آف زو اينڊ ايڪوريم کان رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ منصوبي سان سلهاڙيل معاملا جلد طئي ڪرڻ جي ??دايت ڏئي ڇڏي. گهرو وزير جو چوڻ ??و ته سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏني وڃي. آڪٽوبر ۾ چڙيا گهر ۽ سفاري پ??رڪ جو بنياد رکيو ويندو. چڙيا گهر ۽ سفاري پ??رڪ سان اسلام آباد جي سياحت ۾ اضافو ٿيندو.