اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر رو??ينه خالد سان بئنڪ الفلاح جي صدر/سي اي او عاطف باجوه ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ گروپ جي هيڊ يحييٰ خان بي آءِ ??يس پي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حقدار عورتن کي رقم جي ورڇ ۾ شفافيت ۽ انهن جي عزت نفس کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين دوران سينيٽر رو??ينه خالد بئنڪ جي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي بي آءِ ??يس پي جي حقدار عورتن کي ڪلائنٽس طور ترجيح ڏين ۽ پنهنجي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتين کي ختم ??رڻ لاءِ ??ملي قدم کڻن. ٻئي طرف بي آءِ ??يس پي مان فائدو حاصل ڪندڙن لاءِ فني ۽ هنر جي تربيت جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. عاطف باجوه بي آءِ ??يس پي مان فائدو کڻندڙن لاءِ پائيلٽ مرحلي طور هنر جي تربيت جو منصوبو شروع ??رڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. انهن گڏيل منصوبن کي بي آءِ ??يس پي ۽ بئنڪ الفلاح ٻنهي جي فني ٽيمن جي مشاورت سان ع??ل ۾ آندو ويندو ته جيئن مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن.