اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي 52هين اجلاس جي ايجنڊا طئي ٿي وئي آهي. جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم طرفان جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نا??ي واري وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وزير احد خان ??يمه، قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن، پاور، پل??نن??، ڊو??پمينٽ ۽ خصوصي قدمن، نا??ي، آبي وسيلن، پيٽروليم، انساني حقن، مذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ ايڇ آر ڊي ڊو??زن جا وفاقي سيڪريٽري به موجود هئا. اجلاس ۾ ايجنڊا جي ڄاڻايل آئٽمز تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ 52هين اجلاس جي ايجنڊا به طئي ڪئي وئي.