اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشورنس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??ه?? ته انشورنس محتسب پنهنجي پهچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وف??قي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ??ه انشورنس ڪيسز ۾ وڌ کان ??ڌ شهرين کي مالياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ??ه انشورنس ڪليمز جي حل ۾ متاثر پ??ليسي هولڊرز کي انصاف جي فراهمي ۾ انشورنس محتسب جي ڪردار بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چيو ??ه انشورنس محتسب شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ صدر ايوان صدر ۾ منعقد حلف برداري واري تقريب ۾ ممتاز علي شاهه کان وف??قي انشورنس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.