ايبٽ آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايبٽ آباد ۾ شهيد ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ شهيد جي والد ۽ ٻارن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امج?? زبير ٽوانه پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم شهيد جي ڌيءَ ۽ پٽ کي پيار ڪيو ۽ انهن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي والد کي گلي لڳائي حوصلو ۽ دلاسو ڏنو ۽ شهيد پئڪيج تحت شهيد جي بيواهه ۽ ٻار?? جي لاءِ امدادي چيڪ کيس پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها امدادي رقم توها?? جي شهيد پٽ جي عظيم قرباني جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي پر شهيد جي بيواهه ۽ ٻار?? جي لاءِ حڪومت جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، ڪندي، انه?? جي تعليم ۽ علاج جا خرچ پڻ حڪومت برداشت ڪندي.