اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ جي جي??ز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ويليو ايڊيڊ مصنوعات جي برآمد سان پاڪستان کي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ جي??ز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي جي حوالي سان ا??وا?? صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيو. پاڪستان جي??ز اينڊ جيولري ڊيولپمينٽ ڪمپني (پي جي جي ڊي سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر محمد عالمگير چوڌري ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ت?? عالمي جواهرات ۽ زيورن جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي مصنوعات جي بهتر مارڪيٽنگ ۽ تشهير جي ضرورت آهي. هن چيو ت?? پاڪستان جي جواهرات ۽ زيورن جي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ جيمز ۽ جيولري جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو، جي??ز اينڊ جيولري ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ غيرملڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. صدر چيو ت?? غيرملڪي سيڙپڪاري سان ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ، مقامي آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا کولڻ ۾ مدد ملندي. آصف علي زرداري جواهرات ۽ جيولري جي شعبي ۾ تنوع آڻڻ ۽ صنعتن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ت?? مقامي افرادي قوت جي تربيت ۽ هنرمندي ۾ اضافي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ت?? مليڪ جواهرات ۽ جيولري جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، قابل قدر مصنوعات جي برآمدات سان پاڪستان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. پي جي جي ڊي سي جي سي اي او اجلاس کي جي??ز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان با??ت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مختلف چئلينجز ۽ موقعن کي اجاگر ڪيو.