اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستا?? چيو آهي ته هو بشام ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي کانپوءِ چيني حڪوم?? سان رابطي ۾ آهي جنهن ۾ 5 چيني شهرين جي جانين جو زيان ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ه?? چيو ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون. ترجما?? چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بشام دهشتگرد حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? چيو ته اسان گڏجي اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. ه?? چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.