مظفر آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي ت?? پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوج??د ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ملاقات ۾ ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي پاڪستان پاران ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ اڻٿڪ حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوج??د ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عهدو سنڀاليندي ئي آزاد ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز ??ري?? جا ٿورا مڃيا. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته اڄ توهان جو بر??اتن کان متاثر ماڻهن سان ملاقات جي لاءِ هتي اچڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ت?? پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.