اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ موسم جي دٻ??ءُ جو سڌوسنئون نتيجو آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو دنيا آڏو ان ڳالهه کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ته آلوده گئس جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان عالمي سطح تي موسمي??تي لحاظ کان 10 غيرمحفوظ ملڪن ۾ شامل آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان جي موسمي??تي خطرن کي گهٽ ڪرڻ، موافقت جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ موسمي??تي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۾ مدد جي لاءِ ترقي??تي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي ساراهيون ٿا.