اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن صدرن ۽ وزيراعظمن تي ٿيل ??رچن ۽ مراعاتن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي فيصلو ڪيو ??هي ته لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي نتيجي ۾ صدر ۽ وزيراعظم کي رڳو هڪ ڪ??مپ آفيس رکڻ جي اجازت هوندي، وفاقي ڪابينا نوان گيس ٽرمينلز قائم ڪرڻ ۽ گئس جي پهچ جي لاءِ نئين پائيپ لائين وڇائڻ جي لاءِ رائٽ آف وي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪابينا اين آءِ ٽي بي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون اقتصادي رابطا ??ميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ??ه ڪابينا موٽروي سانحي جي مرڪزي جوابدار جي گر??تاري تي پنجاب حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.