اسلام آ??اد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري ترق?? پسند شاعر احمد فراز جي اڄ 12 هين ورسي ملهائي ويندي، احمد فراز جو پورو نالو سيد ا??مد شاهه علي هو، احمد فراز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آ??اد ۾ لاڏاڻو ڪيو، احمد فراز جو پاڪستان جي ترق?? پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي، سندس 12 هين ورسي جي موقعي تي اڄ اڪيڊمي اديبات پاڪستان پاران رٿيل پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي احمد فراز جي قبر تي فاتحه خواني ڪري گلن ج?? چادر چاڙهيندو ۽ اڪيڊمي ۾ دعائيه تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي پهرئين سربراهه ۽ پاڪستان جي شهر آفاق شاعر احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي اهتمام هيٺ اڄ اڱاري ڏينهن 10 وڳي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قبرستان ۾ پنهنجي والد ا??مد فراز جي قبر تي گلن ج?? چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ان کانپوءِ اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي ڪانفرنس هال ۾ احمد فراز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ليکڪ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.