لاهور – 13 جو?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کانسواءِ وزيراعظم جي معاو??ين ۽ صوبائي وزيرن، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.