اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زي?? حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت روزگار جا موقعا وڌائڻ جي ل??ءِ معيشت جي استحڪام ۽ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. حڪومت جي اقتصادي ٽيم سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته روزگار جي فراهمي جي پنهنجي واعدن تي قائم آهيون، اسان جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته نجي ش??بو روزگار جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، نجي ش??بو تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن ??سان جي معيشت مستحڪم ٿيندي، اسان جو پهريون هدف معيشت کي استحڪام ڏيڻ آهي. معيشت جي استحڪام ل??ءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، حڪومت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون جنهن ??ي ڪري ڪاروبار ۾ آسانين جي عالمي درجابندي ۾ گذريل سال 28 پوائنٽ جي بهتري ٿي ۽ هلندڙ سال ان ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.