اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ڪامياب اقتصادي پاليسين جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي جيڪا ملڪي معيشت جي استحڪام کي ظاهر ڪري ٿو ۽ عالمي مالياتي ادارا به ا?? جو اعتراف ڪري رهيا آهن، اسان کي قومي واڌ جي شرح ۾ اضافي لاء?? برآمدات وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وزيراعظم هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته بجلي ۽ گئس جي وڌيڪ قيمتن سبب پيش ايندڙ مسئل?? جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ايندڙ هفتي منعقد ڪيو ويندو، وزيراعظم ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي سببن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي چي?? ته موجوده صورتحال جي تاريخ 10 سالن تي ٻڌل آهي.