اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر، مواصلات ۽ سيڙپڪاري بورڊ وا??ي وفاقي وزير عبدالعليم خان جهاز ح??دث?? تي آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني ويو جتي هن سفير خضر فرهادوف سان جهاز ح??دث?? تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ معصوم حياتين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن چ??و ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان آذربائيجان جي عوام سان ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان ۽ آذربائيجان ڀائر اسلامي ملڪ ۽ هڪٻئي جي ڏک سک ۾ هميشه شريڪ آهن. هن چ??و ته الله تعاليٰ ح??دث?? ۾ فوت ٿي ويلن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحت عطا ڪري. آذربائيجان جي سفير وفاقي وزير جي سفارتخاني آمد ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ تي ٿورو مڃيو.