اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وزيراعظم اولزاس بيڪو تينو ۽ بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولو چينڪو شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانا ٿي ويا، سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري ??فاقي وزير عبدالعليم خان ٻنهي وزيراعظمن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي کين رخصت ڪيو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته مستقبل ۾ به ائين ئي رابطن ۽ دورن جا خواهشمند آهيون جيڪي خطي جي لاءِ ان??هائي لاڀائتا ثابت ٿيندا. قزاخستان جي وزيراعظم ۽ بيلاروس جي وزيراعظم وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس شاندار ۽ تمام اعليٰ ان??از ۾ ٿيو ۽ سن??ن پاڪستان ۾ قيام ان??هائي خوشگوار رهيو جڏهن ته هو ڪيتريون ئي اميدون ۽ خوشگوار يادون کڻي وڃي رهيا آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي ??ي مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري ??فاقي وزير عبدالعليم خان ۽ روس جي ٽرانسپورٽ واري ڊپٽي وزير دمتري زرائوف جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ ان اجلاس ۾ روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مواصلات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ نئين منصوبن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي لاءِ چين، افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن تائين روڊ نيٽ ورڪ جي اهميت رکندڙ هوندو جڏهن ته روسي ڊپٽي ٽرانسپورٽ منسٽر دمتري زرائوف پاڪستان جي ڪميونيڪشن سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ان??هائي مثبت رهيو ۽ اهي قدم خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ مواصلات واري ??فاقي سيڪريٽري ۽ ريلوي واري ??فاقي سيڪريٽري جي شرڪت ۽ مواصلات جي شعبي ۾ اهم معاملن تي بريفنگ ڏني.