اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي پنهنجي ذميواري نڀائي، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ آزاد فسلطيني رياست جو قيام ضروري آهي، پاڪستان خطي جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. اربع ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪندي وزيراعظم ايس سي او اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي چي?? ته ان موقعي تي اسان غزه ۾ هاڻوڪي جاري نسل ڪشي کي نظرانداز ن??ا ڪري سگهون. عالمي برادري کي بربريت روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. غزه ۾ جارحيت هڪ الميو آهي، اتي فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چي?? ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ آزاد فلسطيني رياست جو قيام اڻٽر آهي جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي بنياد تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي. وزيراعظم چي?? ته ڪائونسل جو 23 هون اجلاس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو آهي جنهن ۾ ميمبر ملڪن پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهتر ۽ پائيدار مستقبل لاءِ گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چي?? ته ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان طرفان مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چي?? ته اسان کي پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي سياسي اختلافن ۽ ويڇي کي هڪ پاسي رکندي گڏيل چئلينجن کي حل ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي هٿ ۾ هٿ ڏئي پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد، ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي وزيراعظم روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن کي ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي چي?? ته پاڪستان طرفان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرايون ٿا . وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ تي انتظاميه کي مبارڪون ڏنيون.