اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي مو??عي تي گادي واري هنڌ کي دلڪش، دل لڀائيندڙ ۽ رنگ برنگي بتين سان ??جايو ويو، جنهن سان ??هر جو قدرتي حسن ٻيڻو ٿي ويو. سي ڊي اي شهر جي اهم هنڌن، رستن ۽ چونڪن کي ٿري ڊي لائيٽن سان ??جايو. شاهراه دستور، سرينا چوڪ ۽ راول ڊيم چوڪ جهڙن اهم علائقن ۾ عمارتن ۽ يادگارن کي خوبصورت گلن سان ??جايو ويو جيڪو پاڪستان جي شاندار ثقافتي ورثي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي اتحاد جي ڀرپور عڪاسي ڪري رهيو آهي. دل کي وڻندڙ سجاوٽ سان ڄاڻايل هنڌ هڪ شاندار منظر پيش ڪري رهيا هئا. خوبصورت منظر ڏسندڙ شهري ڄاڻايل روشنين ۽ گلن جي ڊيزائن مان مزو وٺندا ر??يا جيڪي جديد ٽيڪنالاجي ۽ روايتي جماليات جو حسين منظر ڏئي رهيا هئا. رستن ۽ پلن کان وٺي عمارتن تي وڏي پئماني تي اسلام آباد کي سربراهه اجلاس جي شان مطابق روشنين ۽ ڀرپور سجاوٽ ذريعي خوبصورت شهر ۾ تبديل ڪيو ويو. اسلام آباد خوبصورت روشنين سان چمڪي رهيو هو، هي خوبصورتي عالمي اڳواڻن جي ميزباني لاءِ پاڪستان جي عزم جي به عڪاسي ڪري ٿي. ان ??ربراهي اجلاس ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا جهڙن اهم معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. اسلام آباد ۾ وفدن جي شاندار استقبال لاءِ سي ڊي اي خاص انتظام ڪيا جن ۾ پاڪستان جي مهمان ??وا??ي ۽ عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سندن چاهه ۽ عزم جي جهلڪ نظر اچي ٿي.