اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته بل??چستان جي مٿانهين وارن ۽ سنڌ جي ڏاکڻي علائقن، خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. اڱار?? ڏينهن رڪارڊ ڪي?? وڌ ۾ وڌ گرمي پد ڇور ۾ 40، خيرپور، خانپور ۽ بهاولپور ايئرپورٽ ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪي?? ويو.